سجاد حسين ڀٽي

سجاد حسين ڀٽي: نامياري زرعي ۽ تعليمي ماهر سجاد حسين ڀٽي، 14 جولاءِ 1939ع تي پنجاب جي ڳوٺ گليانا ۾ عنايت علي حسين ڀٽيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس والد ان وقت سنڌ جي ٻيلي کاتي ۾ آفيسر هو، جنهن جي نوڪري سبب سندس ٻالڪپڻ جو ڳچ حصو سنڌ جي مختلف شهرن ۾ گذريو. اهڙيءَ طرح جيئن هن هوش سنڀاليو ته پاڻ کي سنڌ ڄائو سمجهڻ لڳو. سجاد حسين پرائمري تعليم ڪنڌڪوٽ ۽ ڪنڊياري مان ۽ مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول نوابشاهه مان پاس ڪرڻ بعد زرعي ڪاليج ٽنڊي ڄا۾ ۾ داخل ٿيو، جتان هن پلانٽ پئٿالاجي ۾ ڊگري ورتي ۽ اتي ئي پهريان ڊمانسٽريٽر طور ملازمت اختيار ڪئي. سجاد حسين ڀٽي بطور شاگرد ڪاليج جي سماجي سرگرمين جو روح روان هو. ان دوران هن ڪاليج ۾ ڪافي اسٽيج ڊرامن ۾ به ڪم ڪيو. هن ڪجهه عرصو زرعي ڪاليج ٽنڊي ڄام ۾ نوڪري ڪئي، بعد ۾ اها نوڪري ڇڏي زرعي تربيتي اداري سڪرنڊ ۾ ان وقت جي ڪلاس ٽو ڪيڊر ۾ سينئر انسٽرڪٽر طور ڀرتي ٿيو، جتي پاڻ وائيس پرنسپال ۽ پوءِ پرنسپال به رهيو. سجاد حسين ڪاليج کي جديد تعليم ڏانهن وٺي ويو، جتي هن پهريون ڀيرو ڇوڪرين لاءِ الڳ اڪيڊمڪ بلاڪ ۽ هاسٽل منظور ڪرائي انهن لاءِ زرعي تعليم جو بنياد وڌو. سکيا وٺندڙ شاگردن ۽ آفيسرن لاءِ الڳ الڳ ميل- فيميل هاسٽلون ٺهرايون، عملي جي رهائش لاءِ جديد ڪالوني تعمير ڪرائي، اداري ۾ هڪ وڏو آڊيٽوريم هال ۽ شاگردن جي عملي سکيا لاءِ ليبارٽريون قائم ڪرايون. هن بطور سينئر انسٽرڪٽر ۽ پرنسپال جي هزارين شاگرد منظرعام تي آندا. هن هڪ زرعي ماهر جي حيثيت ۾ آمريڪا، برطانيا، اٽلي، فرانس، بئنڪاڪ، فلپائن، جي مختلف ادارن مان سکيا حاصل ڪري زرعي تربيتي اداري سڪرنڊ ۽ آبادگارن سان رابطي وارن پروگرامن کي اڳتي وڌايو. هن اتر سنڌ جي شاگردن لاءِ جيڪب آباد لڳ الڳ زرعي تربيتي ادارو قائم ڪرايو. ان کان سواءِ هن زرعي توسيعي کاتي ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر کان سواءِ آئل سيڊ ڊولپمينٽ پراجيڪٽ ۾ پراجيڪٽ ڊائريڪٽر طور به خدمتون سرانجام ڏنيون. ان بعد کيس ترقي ڏئي ڊائريڪٽر ٽريننگ مقرر ڪيو ويو. ان دوران هن کاتي جي نوجوان آفيسرن ۽ هارين جي حوصلا افزائي ڪرڻ خاطر عالمي بئنڪ، ايشيائي ترقياتي بئنڪ، برٽش ڪائونسل ۽ ٻين عالمي ادارن سان رابطا ڪري کين پرڏيهه سکيا لاءِ موڪليو. سندس دؤر ۾ وڌ کان وڌ آفيسر ٻاهران سکيا وٺي موٽيا، جيڪي اڄ زرعي شعبي ۾ پنهنجي جدا سڃاڻپ قائم ڪري چڪا آهن. هن ڊائريڪٽر ٽريننگ جي حيثيت ۾ رٽائر ڪيو، پر رٽائرمنٽ کانپوءِ به زرعي تربيتي اداري سڪرنڊ ۾ رضاڪارانه طور نوجوانن کي ليڪچر ڏيندو رهيو. هي پنهنجي شعبي سان نهايت ئي سچو رهيو. سجاد حسين ڀٽيءَ 13 مئي 2011ع تي وفات ڪئي.


لفظ سجاد حسين ڀٽيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1939.07.14  عيسوي

نامياري زرعي ۽ تعليمي ماهر سجاد حسين ڀٽي، 14 جولاءِ 1939ع تي پنجاب جي ڳوٺ گليانا ۾ عنايت علي حسين ڀٽيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو.


2011.05.13  عيسوي

سجاد حسين ڀٽيءَ 13 مئي 2011ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خسرو خان چرڪس
احمد خان هيسباڻي
شرت ڀڳتياڻي
درس للو
ڄام سَپڙُ
امين لغاري
جين فرانڪوئس جيرج
ابن سعد
پنڊت ديودت شرما
بهاول خان عباسي3
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون